شهيد وارث علي شاهه جو ميلو

شهيد وارث علي شاهه جو ميلو: شهيد وارث علي شاهه جو ميلو هر سال 17 کان 21 ربيع الاول مطابق 1 کان 5 ڊسمبر تي ڀرڳڙي موري چنيسر، ريگيوليٽر ديهه 32 لڳ قاضي احمد ۾ ڌام ڌوم سان ملهايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ ڪيترائي دل وندرائيندڙ پروگرام ٿيندا آهن، جن ۾ سرڪس، موت جو کوهه، ٿيئٽر ۽ ٻيا تماشا شامل آهن. ان کان علاوه اُٺن ۽ ڍڳن جي ڊوڙ، ملاکڙي ۾ اُتر ۽ لاڙ جي ملهن ۾ انعامي مقابلو ۽ محفلِ موسيقي ٿيندي آهي جنهن ۾ ريڊيو ۽ ٽي.وي جا فنڪار حصو وٺندا آهن. جڏهن ته ميلي ۾ سٺا دُڪان سينگاريندڙن ۾ انعام پڻ ورهايا ويندا آهن. هن ميلي ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان عقيدتمند ۽ مريد اچي حاضري ڀريندا آهن، جن لاءِ لنگر جو پڻ انتظام هوندو آهي.


لفظ شهيد وارث علي شاهه جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو